سنڌي ۾ شاعري جون صنفون ۽ صنعتون

سنڌي ۾ شاعري جون صنفون ۽ صنعتون

سنڌي ۾ شاعري جون صنفون ۽ صنعتون

سنڌي ۾ شاعري جون صنفون ۽ صنعتون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي محقق، اديب، سماج سڌارڪ ۽ ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ تصنيف ڪيو آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي سومرا دؤر (1050ع-1351ع) کان وٺي سما دؤر (1351ع-1525ع)، ارغون- ترخان- مغل دؤر (1525ع-1718ع)، ڪلهوڙا دؤر (1718ع-1782ع)، ٽالپر دؤر (1782ع- 1843ع)، انگريز دؤر (1843ع-1947ع) ۽ 1947ع کان موجوده دؤر تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به صنفون ۽ انهن صنفن جا ٻيا معنوي قسم شامل ٿيا ۽ ان بابت شاعري جي قانون ۾ استعمال ٿيندڙ لفظي ۽ معنوي صنفن بابت وضاحت سان لکيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جي هر هڪ صنف کي اصل نسل، بڻ بڻياد، آغاز، انجام، موضوع ۽ تبديلين بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي. سنڌي شاعريءَ جي آغاز کان وٺي موجوده دؤر تائين سنڌي شاعري ۾ ٽي وڏا پئمانا مثلاً: ڇندوديا، علم عروض ۽ انگريز دؤر کانپوءِ جيڪي به صنفون آيون، اُهي جملي صنفون هن ڪتاب ۾ مفصل احوال سان ڏنل آهن ۽ پڻ هر هڪ صنف جا ڪيترائي مثال پڻ ڏنا ويا آهن. ان کان علاوه لفظي ۽ معنوي صنعتن جون به ڪيتريون وصفون ۽ هر هڪ صنعت جي هيٺ اُن صنعت جو مثال پڻ ڏنل آهي، جنهنڪري سنڌي شاعري ۽ شاعري جي صنفن ۽ صنعتن کي سمجهڻ لاءِ هي هڪ بهترين ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي شاعريءَ جي ڄاڻ لاءِ پڙهندڙ جو هر مقصد پورو ڪري سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌي شاعري جي صنفن جا جملي (212) قسم ۽ سنڌي شاعريءَ جي صنعتن جا لفظي ۽ معنوي قسم ملائي ڪُل (87) قسم ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جُلد ۾ ڇپيل هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد مان پهريون ڀيرو 2007ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 350 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو